حر تحريڪ

حر تحريڪ

حر تحريڪ 2

حر تحريڪ (ڪتاب): هي ڪتاب انگريز سامراجيت خلاف حُرن جي سئو سالا جنگ بابت لکيل آهي. پروفيسر محمد عمر چنڊ پير پاڳارن ۽ سندن مريد حُرن پاران انگريز سامراج خلاف هلايل تحريڪ جي حقيقتن تي مبني هن ڪتاب جي تياريءَ لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان ڪيتريون طويل ڪچهريون ڪيون ۽ اُهي سموريون حقيقتون گڏ ڪيون، جن کان سنڌ جو عوام بي خبر هو ۽ سنڌ جو خاص طبقو اُنهن حقيقتن تي پرده پوشي ڪري رهيو هو. هن ڪتاب ۾ پير صاحب پاڳارن ۽ سندن درگاهه جي مجموعي حالتن، انگريزن ۽ سندن ڇاڙتن جي ڪاررواين جو تفصيلي ذڪر موجود آهي. هن ڪتاب ۾ لاڳاپيل بزرگن جون تصويرون به ڏنيون ويون آهن. ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي مصنف محمد عمر چنڊ جو تعارف ڏنل آهي. هي ڪتاب 2002ع ۾ مشعل پبليڪيشن ڪراچيءَ چار رنگي ٽائيٽل ۽ ڪچي جلد سان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب 486 صفحن تي مشتمل آهي ۽ اُن جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو